چشتي مولانا غلام رسول ’هاشم‘

چشتي، مولانا غلام رسول ’هاشم‘: ناميارو ديني عالم مولانا غلام رسول ولد خليفو پير محمد چشتي، 1863ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. مولانا صاحبڏني چشتيءَ جو پوٽو هو. عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم مولانا قاضي سيد بهادر شاهه وٽان حاصل ڪري فارغ التحصيل ٿيو. دنياوي ڳالهين ڏانهن سندس بنهه لاڙو نه هو. نواب مدد خان جي مشهور جامع مسجد جو امام ۽ خطيب هو. شعر و شاعري جو شغف رکندو هو. سنڌي، سرائڪي ۽ فارسي زبانن ۾ سندس ڪلام موجود آهي. تخلص ”هاشم“ استعمال ڪندو هو. هن ڪيترا ڪتاب تصنيف ڪيا، جن مان: (1) ’تنبيھ المرسلين‘، (2) ’معراج نامو‘، ۽ (3) ’ميلاد نامو‘ قابل ذڪر آهن.
مولانا صاحب 63 سالن جي ڄمار ۾ 1926ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو